سرمست 27

سرمست 27

سرمست 27

سرمست 27: ’سرمست‘ جي ستاويهين (27) ڪڙيءَ جو مرتب مولا بخش لاڙڪ ۽ ٻانهن ٻيلي قربان منگي ۽ امر اقبال آهن. هن شماري جي ٽائيٽل تي سچل سرمست جي خوبصورت تصوير ۽ بئڪ ٽائيٽل تي سچل جي شعر جي سٽ ”سر اسان ڏي آيا وويار! عشق زوران زور ڀي“ ڏني وئي آهي، ڪئليگرافي سعيد منگيءَ جي آهي. گذريل ادبي ڪانفرنس جي تصويري جهلڪين کان پوءِ مضمون ۽ مقالا ڏنا ويا آهن. هيٺين عالمن جا مقالا هن شماري ۾ شامل آهن: (1) ڊاڪٽر هدايت پريم: سچل سائين مظلومن جو شاعر، (2) ڊاڪٽر ملڪ نديم: ڪائنات، زندگي ۽ مذهب بابت سچل جو اظهار، (3) ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو: سچل جي ڪلام ۾ حقيقت جو اظهار، (4) برڪت بلوچ: سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ آيل ”ٻه ٻوليائي“ لفظن جو اڀياس، (5) ڊاڪٽر محمد يوسف خشڪ: سچل سرمست اور سائنسي علوم، (6) محمد پنهل ڏهر: سچل شناسيءَ تي رشيد احمد لاشاريءَ جي ڪيل ڪم جو جائزو، (7) امام راشدي: سچل اختلافن جي زد ۾، (8) پروفيسر موهن لعل پريمي: سچل سرمست ۽ سنت چرنداس جو مطالعو، 9) نواز رڪڻائي: حضرت سچل سرمست جي حب الوطنيءَ جو اظهار: سُر مارئي، (10) نجمه نور ڦلپوٽو: سچل: سڪ، سونهن ۽ سچ جو مظهر، (11) غوث بخش عباسي: من ڪفر نمي گويم... (12)رحيم ڏنو مهر وڪيل: سچل سرمست ۽ ان جي شاعري، (13) ڊاڪٽر گلزار احمد سومرو عبدوي: سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ وحدت الوجود ۽ انساني يڪجهتيءَ جو درس، (14) حزب الله آءِ. سومرو: سچل جي نظر ۾ ’مُلا‘ جو ڪردار، (15) مولانا عبداللطيف سڪندري: حضرت سچل سرمست جي ديوان آشڪار جو سلسليوار ترجمو (16) حاجي عبدالحميد سومرو درازي: درازي درگاهه جو درويش فقير لعل بخش گڏاڻي،
(17) فقير عطا فولادي: سچل، صورت سچل جي، (18) ساجد سومرو: لطيف سائين ۽ سچل هڪ ئي مڪتبه فڪر جا ساٿي آهن، (19) ميان غلام حسين فاتح: سچل سائينءَ جي حالتن تي نظر، (20) علي حسن سرڪي: حق ۽ سچ جو شاعر حضرت سچل سرمست، (21) علي نواز ڪلهوڙو: حضرت سچل سرمست جي عظيم شاعريءَ ۽ سندس شخصيت ۽ (22) Hassan Shaikh: The Philosophy of Humanism in Sachal’s Poetry.
ڊيمي سائيز جي 192 صفحن تي مشتمل هي پرچو 2006ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو